ڪوئيٽا(بيورو رپورٽ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم سواتي خلاف وڌيڪ ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪامران مولا خيل ۽ جسٽس عامر رانا تي ٻڌل بينچ اعظم سواتي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اعظم سواتي جي پٽ عثمان سواتي، اعظم سواتي خلاف داخل ڪيس ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪئي، جنهن تي عدالت مختصر ٻڌڻي ڪئي.بلوچستان هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي خلاف وڌيڪ ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي پوليس کان سندس خلاف داخل ڪيسن جي لکت ۾ رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.










