دوحا(ويب ڊيسڪ)قطر ۾ جاري فيفا ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ ميچ ۾ برازيل ڏکڻ ڪوريا کي هڪ جي ڀيٽ ۾ 4 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي. اڳوڻو عالمي چيمپيئن برازيل پري ڪوارٽر فائنل ۾ ڏکڻ ڪوريا جي دفاع کي ڇيهو رسائيندي، هڪ بئي پٺيان گول اسڪور ڪري فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. برازيل جي رانديگرن 36 منٽن جي راند ۾ چار گول ڪري ڪورين ٽيم جي ايندڙ اسٽيج تائين پهچڻ جي خواهش کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڪوريا جي رانديگرن به ڪيترائي حملا ڪيا پر برازيل جي گول ڪيپر ۽ دفاعي رانديگرن انهن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. اسٽيڊيم 974 ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويني جونيئر ستين منٽ ۾ ميچ جو پهريون گول ڪري برازيل کي برتري ڏياري، جنهن کانپوءِ نيمار پينالٽي ڪڪ تي گول ڪري ٽيم کي 2-0 جي برتري ڏياري، رچرليسن ٽيون ۽ لوڪاس پيڪيوٽا چوٿون گول ڪيو. پهرين اڌ جي آخر کان اڳ 4-0 تي برازيل کي برتري حاصل هئي. ٻئي هاف ۾ به برازيل جي رانديگرن ڪوريا تي دٻاءُ برقرار رکيو ۽ ڪورين گول تي حملا جاري رکيا پر ڪوريا جي گول ڪيپر جي شاندار ڪارڪردگي سبب گول نه ڪري سگهيا. جڏهن ته 76 هين منٽ ۾ ڊي جي ٻاهران هڪ فري هٽ تي ڪورين رانديگر پائيڪ سيونگ ڪيترن ئي رانديگرن مٿان بال کي نيٽ ۾ اڇلائي ٽيم جو خسارو 4-1 ڪري ڇڏيو. ڪوارٽر فائنل ۾ برازيل جو مقابلو جمعي تي ڪروشيا سان ٿيندو. ان کان اڳ پري ڪوارٽر فائنل ۾ ڪروشيا دلچسپ مقابلي کانپوءِ جاپان کي پينلٽي شوٽ آئوٽ تي شڪست ڏئي ڇڏي. جاپان جي 3 رانديگرن جو ڪڪس ڪروشيا جي گول ڪيپر ناڪام بڻايون. جاپاني رانديگر توڙي مداح روئيندا رهيا. ياد رهي ته نيمار 123 ميچز ۾ 76 گول ڪري چڪو آهي. برازيل جي ليجنڊري رانديگر پيلي 91 ميچز ۾ 77 گول ڪيا آهن ۽ لڳي ٿو ته نيمار سندس رڪارڊ ٽوڙيندو.

82 سالن جو پيلي دنيا جو پهريون عظيم فٽبالر آهي جنهن پنهنجي ٽيم کي 3 ڀيرا ورلڊ چيمپئن بڻايو. هو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا آهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي. هي ميچ کٽڻ بعد سندس ٽيم هنکي خراج پيش ڪرڻ لاءِ سندس تصوير ۽ نالي وارو بينر کڻي ميدان ۾ آئي جتي سڀني تصويرون ٺهرايون. سنڌ جو وڏو وزير برازيل جي ميچ ڏسڻ لاءِ رات جولياري پهتو جتي اسٽيڊيم م وڏي اسڪرين لڳائي وئي هئي.











