انگلينڊ 74 رنز تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

انگلينڊ 74 رنز تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)انگلينڊ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ميزبان پاڪستان کي آخري سيشن ۾ 74 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. راولپنڊي ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ جي آخري ڏينهن پاڪستان 343 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پنهنجي پهرين اننگز 2 وڪيٽن جي نقصان تي 80 رنسون ٺاهي ٻيهر شروع ڪئي، امام الحق ۽ سعود شڪيل وڪيٽ تي موجود هئا. انگلينڊ جي ڏينهن جي شروعات شاندار هئي ۽ امام الحق گذريل ڏينهن جي انفرادي اسڪور ۾ صرف 5 رنسون ٺاهي جيمز اينڊرسن جو شڪار بڻيو. ٽئين وڪيٽ ڪرڻ سان ئي قومي ٽيم دٻاءُ ۾ اچي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سعود شڪيل ۽ نئين بيٽسمين محمد رضوان انتهائي محتاط انداز اختيار ڪيو، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ موقعي تي ٻنهي رانديگرن 10 اوورن ۾ صرف 8 رنسون ٺاهيون. ۽ جيمس اينڊرسن جي سامهون بيوس نظر آيا. جڏهن ته، بعد ۾ ٻنهي نسبتا اعتماد سان بيٽنگ شروع ڪئي ۽ سعود شڪيل پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اڌ سينچري اسڪور ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. لنچ جي وقفي کان پوءِ انگلينڊ کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي جڏهن محمد رضوان 46 رنسون ٺاهي جيمز اينڊرسن کي وڪيٽ ڏئي ويٺو. سعود شڪيل آغا سلمان سان گڏجي اسڪور کي 198 تائين پهچايو پر ان مرحلي تي سعود 12 چوڪن جي مدد سان 76 رنسون اسڪور ڪرڻ بعد انگلينڊ جي شاندار فيلڊنگ جو شڪار ٿي ويو. پنج وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ تجربيڪار اظهر علي هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ۾ آيو ۽ ٻنهي رانديگرن اسڪور کي اڳتي وڌائڻ شروع ڪيو ۽ لنچ بريڪ تائين هڪ به وڪيٽ نه گرڻ ڏني. ٻنهي رانديگرن ڇهين وڪيٽ لاءِ 61 رنسن جي پارٽنرشپ ڪئي، جنهن پاڪستان کي ميچ ۾ فتح جي اميد ڏياري ڇڏي، پر اولي رابنسن لڳاتار ٻن اوورن ۾ آغا سلمان ۽ اظهر علي کي آئوٽ ڪري ميچ جو رخ موڙي ڇڏيو، آغا سلمان30 ۽ اظهر علي40 رنسون ٺاهيون. تجربيڪار جيمز اينڊرسن جي سامهون زاهد محمود سٺو نه هليو ۽ هو آئوٽ ٿيندڙ اٺون رانديگر بڻجي ويو جيڪو هڪ رن ٺاهي پويلين موٽيو، جڏهن ته ٻن بالن کانپوءِ اينڊرسن حارث رئوف کي به آئوٽ ڪيو. پاڪستان 9 وڪيٽون وڃائي 264 رنسون ٺاهيون، جنهن کانپوءِ نسيم شاهه ۽ محمد علي آخري وڪيٽ ۾ رڳو 4 رنسون جوڙي سگهيا. پاڪستان 268 تي آل آئوٽ ٿي ويو، نسيم شاهه صرف 6 رنسون ٺاهي جيڪ ليچ جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. ياد رهي ته ميچ جي پهرين اننگز ۾ چئن رانديگرن جي سينچري جي بدولت انگلينڊ جو مجموعي اسڪور بورڊ 657 رنسن تي جبل وانگر سجايو ويو هو. جواب ۾ پاڪستان پهرين اننگز ۾ اوپنرز سميت ڪپتان بابر اعظم جي سينچري سبب 579 رنسون ٺاهيون. ٻي اننگز ۾ انگلش ٽيم وڌيڪ جارحاڻي انداز اختيار ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 264 رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي ۽ پهرين اننگز جي برتري جي بدولت پاڪستان کي فتح لاءِ 343 رنسن جو هدف ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو