ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسلام آباد کان جده ويندڙ قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي اڏام فني خرابي سبب ڪراچي ۾ لينڊ ڪئي، جيڪا اڄ صبح 10 ڪلاڪن کانپوءِ ڪراچي کان پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي وئي.ايئرپورٽ ذريعن موجب قومي ايئرلائن جي انجنيئرن جهاز جي فني خرابي کي دور ڪري ڇڏيو، اسلام آباد کان جده ويندڙ مسافرن کي ڪراچي کان ساڳئي جهاز ۾ روانو ڪيو ويو.هوابازي ذريعن موجب اسلام آباد کان روانگي جي هڪ ڪلاڪ بعد اڏام پي ڪي 741 ۾ فني خرابي پيش آئي.جهاز ان وقت پاڪستان جي فضائي حدن ۾ قلات جي ويجهو پرواز ڪري رهيو هو.ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول جي هدايتن تي پائليٽ گذريل رات 8 وڳي بوئنگ 777 جهاز کي ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو هو.ايوي ايشن ذريعن موجب مسافرن کي ڪراچي ايئرپورٽ جي ٽرانزٽ لائونج ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ جهاز جو معائنو ڪيو ويو.جهاز ۾ فني خرابي اڄ صبح صاف ٿي وئي جنهن کانپوءِ ساڳيو جهاز جده ڏانهن روانو ڪيو ويو، جڏهن ته مسافر سڄي رات سعودي عرب جي ڊپارچر لائونج ۾ انتظار ڪندا رهيا.هوابازي ذريعن موجب اڏام پي ڪي 741 صبح 6 لڳي 53 منٽن تي ڪراچي کان جده لاءِ رواني ٿي.










