لاهور(ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته مان عمران خان جي ڳالهين کي ڪڏهن به سنجيده ناهي ورتو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته عمران خان کي ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي، نه ئي اسيمبلي ٽوڙڻ گهرجي.هن چيو ته عمران خان ڪالهه پنهنجي لفظن مان يوٽرن ورتو آهي، چار سال وزيراعظم رهيو، هن ڪڏهن به اپوزيشن ليڊر سان نه ڳالهايو.اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته عمران خان آئيني طور تي وزيراعظم جي مقرري تي مشاورت نه ڪئي، هاڻي ڳالهين جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪو سياسي معاملو آهي.هن اهو به چيو ته هو سمورن اتحادين سان صلاح مشوري بعد اڳتي وڌندو.










