گوگل پاران پاڪستان ۾ ڪيريئر پيڊ ايپس عارضي طور تي معطل

گوگل پاران پاڪستان ۾ ڪيريئر پيڊ ايپس عارضي طور تي معطل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)گوگل ادائگي جي تڪرار تي پاڪستاني صارفين لاءِ Play Store ۾ ڪيئرر پيڊ ايپس کي عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) سڌي ريت ادائيگي وارو نظام معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن سبب 34 ڪروڙ ڊالرن جي ادائيگي روڪي وئي هئي.ان لاءِ گوگل هاڻي پاڪستان ۾ ڪيئرر پيڊ ايپس کي عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.آئي ٽي واري وزارت گوگل طرفان ڪيريئر پيڊ ايپس کي عارضي طور تي معطل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.آءِ ٽي واري وزارت ٻڌايو ته موبائل فون اڪائونٽ مان پيڊ ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو آپشن عارضي طور تي معطل ڪيو ويو آهي.بيان موجب گوگل پلي اسٽور ۾ هن وقت صرف ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو اختيار آهي.جي آءِ ٽي وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزير معاملي کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، 2 هفتن ۾ معاملو حل ڪيو ويندو.ان عرصي دوران پاڪستاني صارفين کي ڪريڊٽ ڪارڊ يا ڊيبٽ ڪارڊ ذريعي ادائيگي ڪرڻ کانپوءِ ئي ايپس ڊائون لوڊ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو.جڏهن ته گوگل پلي تان مفت ايپس ڊائون لوڊ ڪرڻ ممڪن هوندو پر پيڊ ايپس استعمال ڪندڙ ماڻهن کي مختلف سروسز استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو