لاهور: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي سياست ختم ٿي چلي آهي ان لاءِ هو چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي فواد چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد جي مڪاني چونڊن ۾ (ن) ليگ صرف 30 تڪن ۾ اميدوار آڻي سگهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جو هڪ به پينل نه آهي. چونڊن ۾ هنن جو مقابلو تحريڪ انصاف ۽ آزاد اميدوارن سان آهي.اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اعظم سواتي جي ڪوئٽه منتقلي پاڪستاني عدالتن جي انساني حقن واري رڪارڊ تي هڪ ٻيو داغ آهي. 75 سالن جي پوڙهي سينيٽر ۽ وڪيل کي بيعزت ڪيو پيو وڃي.تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته عدالتون پاڪستان جي تاريخ کي وڌيڪ داغدار ڪرڻ ۾ اڳڀريون رهيون آهن. خبر ناهي ڪڏهن جج صاحب اهو احساس ڪندا ته رب پاڪ کين ڪيترين اهم ذميوارين سان نوازيو آهي.










