ڪي پي اسيمبلي ۾ فضل الرحمان خلاف ٺهراءُ جمع

ڪي پي اسيمبلي ۾ فضل الرحمان خلاف ٺهراءُ جمع

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي عورت ميمبرن مولانا فضل الرحمان پاران عورتن بابت نازيبا ٻولي استعمال ڪرڻ تي ٺهراءُ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.خيبرپختونخواهه اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبر آسيه خٽڪ مولانا فضل الرحمان جي اجلاسن ۾ عورتن بابت نامناسب لفظ استعمال ڪرڻ تي ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي.قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته مولانا فضل الرحمان عوامي ميٽنگن ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ عورتن بابت نازڪ ٻولي استعمال ڪري ٿو، سياسي مخالفت ۾ اسلامي ۽ اخلاقي قدرن کي به نظرانداز ڪري ٿو. قرارداد تي پي ٽي آءِ جي 17 عورت ميمبرن جا دستخط آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو