والاريل ڪشمير۾ 4 هزار گرفتار، سوين زخمي،عورتن سان ريپ

سرينگر(م ڊ) عالمي خابرو ادارن ڪشمير ۾ تعينات ڀارتي آفيسرن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ جيل ڀرجي ويا آهن ۽ 4 هزار گرفتار ڪيل ڪشميرين کي ٻين هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. فرانسيسي اداري اي ايف پي ۽ برطانوي اداري رائٽر هڪ مئجسٽريٽ ۽ نالو ظاهر نه ڪندڙ آفيسرن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آچر تي ڀارت ڪشميرين جي چر پر تي ڪيل نرمي ختم ڪري ڇڏي آهي. سرينگر شهر جي مختلف علائقن ۾ ڀارتي فورسز سان چڪرين ۾ 30 جي لڳ ڀڳ نوجوان زخمي ٿيا آهن. ڀارتي فورسز ڇري واري بندوق يعني شاٽ گن، ڳوڙها گيس ۽ مرچن وارن دستي بمن سان احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي منتشر ڪيو، جڏهن ته ڪشميري مٿن پٿراءُ ڪندا رهيا. هوڌانهن آسٽريليا جي ڪالم نگار سي جي ورليمن اسٽينڊ ود ڪشمير جي هيش ٽيگ سان ڪيل ٽوئيٽس ۾ چيو آهي ته 6هزار گمنام قبرون ظاهر ٿيون آهن جن ۾ ڀارتي فورسز هٿان اغوا بعد تشدد ۾ مارجي ويلن کي دفن ڪيو ويو آهي. 7 هزار کان وڌيڪ ڪشميرين کي فورسز جي حراست ۾ قتل ڪيو ويو آهي، جنسي تشدد، اجتماعي زيادتي جي شرح دنيا جي ٻين جهيڙن وارن علائقن جي ڀيٽ ۾ ڪشمير ۾ وڌيڪ آهي. 23 فيبروري 1993 جي هڪ رات ۾ 80 کان وڌيڪ عورتن جو ريپ ڪيو ويو. هن چيو آهي ته ڪشمير بابت اقوام متحده جون 18 قراردادون آهن جن ۾ ان کي تڪراري علائقو قرار ڏنو ويو آهي. ان جي باوجود به ڀارت اقوام متحده جي انساني حقن بابت وفد کي 2016 ۾ والاريل ڪشمير وڃڻ نه ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو