ن ليگ جي گذريل دور ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا: مريم اورنگزيب

ن ليگ جي گذريل دور ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا: مريم اورنگزيب

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان يوٿ پروگرام مسلم ليگ ن جي گذريل دور حڪومت ۾ شروع ڪيو ويو ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان يوٿ پروگرام ۾ نوجوانن کي زيرو ٽيڪس تي مراعتون ڏنيون ويون، پروگرام ۾ نوجوانن کي ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪرڻ جهڙا منصوبا شامل آهن.وفاقي وزير چيو ته نوجوانن کي ننڍن ڪاروبارن ۾ به سهولتون ڏنيون ويون، گذريل حڪومت ان پروگرام کي ڪامياب يوٿ پروگرام جو نالو ڏنو.هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي چارٽر آف اڪناميءَ جي ويزن سان سمورن ادارن کي مضبوط ڪيو ويندو.مريم اورنگزيب اهو به چيو ته پاڪستان جي 66 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي مشتمل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو