ڪي پي : اپوزيشن اسيمبلي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ متحرڪ ٿي وئي

ڪي پي : اپوزيشن اسيمبلي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ متحرڪ ٿي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جي اعلان کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ مخالف ڌر اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي.اپوزيشن پارٽين جو هنگامي اجلاس اڄ رات طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس اپوزيشن ليڊر اڪرم دراني جي رهائشگاهه تي ٿيندو.اجلاس ۾ مخالف ڌر جا پارلياماني اڳواڻ شرڪت ڪندا، جنهن ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويندو.اپوزيشن ليڊر اڪرم دراني جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ سميت ٻين آپشن تي غور ڪيو ويندو.اي اين پي جي پارلياماني اڳواڻ سردار حسين بابڪ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙڻ نه ڏني ويندي.ن ليگ ايم پي اي اختر ولي جو چوڻ آهي ته هو مخالف ڌر جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته وڏو وزير محمود خان بدامني اسيمبلي نٿو ٽوڙي سگهي، هو ڪهڙي اسيمبلي ٽوڙيندو، اسيمبلي خيبرپختونخواهه جي 4 ڪروڙ عوام جي امانت آهي.اختر ولي اهو به چيو ته هو وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ داخل ڪندو، عدالت وڃڻ جو آپشن به استعمال ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو