راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي انتظاميا تحريڪ انصاف کي فيض آباد ۾ جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي.ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي 56 شرطن سان ريلي جو اجازت نامو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏي شرط 26 نومبر جي رات فيض آباد خالي ڪرڻ آهي، انتظاميا راولپنڊي پوليس کي به ريلي لاءِ سمورا ضروري سڪيورٽي اپاءَ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ان حوالي سان سرڪاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم راولپنڊي ۾ کيڏڻ لاءِ نه ايندي جڏهن ته علامه اقبال پارڪ کي ڪارڪنن جي رهائش لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو.نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رياست مخالف نعرا هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ٽريفڪ پوليس پاران جاري ڪيل ٽريفڪ پلان تي عمل ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به جاني نقصان جي ذميوار ريلي انتظاميا هوندي، جڏهن ته ڊرون ڪيمرائن جي استعمال جي اجازت نه هوندي.راولپنڊي انتظاميا پرمٽ جون ڪاپيون سمورن لاڳاپيل ادارن کي موڪلي ڇڏيون آهن.










