ڪچي ۾ آپريشن حاڪم عرف حاڪو شر مارجي ويو، پلاند وٺي ڇڏيو: ايس ايس پي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو چيو آهي ته رائونتي جي ڪچي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل حاڪم عرف حاڪو شر 5 پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هو ڳالهائيندي ايس ايس پي تنوير تنيو چيو ته ڌاڙيل سان گڏ مارجي ويل آغو شر ڌاڙيل هو يا نه ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون ايس ايس پي تنوير تنيو چيو ته حاڪم شر مٿان 50 لک رپين جي انعام جي سفارش ٿيل هئي، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري رهندو ايس ايس پي چيو ته عوام فيصلو ڪري ته هنن جا هيروز ڌاڙيل آهن يا پوليس آفيسرز، شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو ۽ شهيد ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي وارثن جا خدشا ختم ڪيا ويا آهن، پوليس ۾ ڪي به ڪاريون رڍون نه آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو