دليپ ڪمار جي ننڍي ڀيڻ 7 ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ فلم انڊسٽري تي ڊگھي عرصي تائين راڄ ڪندڙ ليجنڊ اداڪار يوسف خان عرف دليپ ڪمار جي ننڍي ڀيڻ 7 ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.ڀارتي ميڊيا موجب دليپ ڪمار جي ننڍي ڀيڻ فريده جو ممبئي جي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.رپورٽن مطابق فريده جي سار سنڀال لاءِ سائره بانو ۽ گهر جا ٻيا ڀاتي به موجود آهن.واضح رهي ته دليپ ڪمار 7 جولاءِ 2021 تي 98 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو