آرمي چيف جي مقرري جي سمري نه اچڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي: شاهد خاقان عباسي

آرمي چيف جي مقرري جي سمري نه اچڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ضروري آهي ته آرمي چيف جي سمري جلد اچڻ گهرجي، وزيراعظم ان تي جلد فيصلو ڪري.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي سمري نه اچڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، سڄو پاڪستان انتظار ڪري رهيو آهي ته آرمي چيف ڪير ٿيندو ۽ ڪيئن ٿيندو.هن چيو ته ضروري آهي ته سمري جلد اچي ۽ وزيراعظم جلد فيصلو ڪري، جڏهن ته نالن جي لسٽ ۾ اهل شخص جو نالو شامل نه ڪرڻ يا نااهل شخص جو نالو هجڻ غلط هوندو. ان معاملي کي عدالت ۾ به چئلينج ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو