اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ آهي ته فيض آباد ۾ جمعي جي صبح کان ڪيمپ لڳائي ويندي، ڪيمپ ۾ ملڪ جي مختلف ملڪن مان ماڻهو شريڪ ٿيندا.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته عمران خان جو اسٽيج فيض آباد ۾ لڳايو ويندو، مشاورت ٿي چڪي آهي.هن چيو ته تحريڪ انصاف جا اڳواڻ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پهچي ويا آهن، حڪومت عوام تي ڌيان ڏئي ها ته ملڪي معيشت تباهه نه ٿئي ها.پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو راولپنڊي ۾ ٿيڻ وارو آهي.اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته افراتفري مان نڪرڻ جو واحد رستو چونڊن جو اعلان آهي، معيشت جي تباهي سان عوام جا مسئلا وڌي رهيا آهن.هن جو اهو به چوڻ آهي ته عمران خان گوليون کائڻ باوجود ثابت قدم آهي.










