عدالت آصف علي زرادري کي 19 آگسٽ تائين اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد(اياز مهر) احتساب عدالت جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جڊيشل رمانڊ تي 19 آگسٽ تائين اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو. احتساب عدلت جي جج محمد بشير نيب جي وڌيڪ جسماني رمانڊ واري درخواست رد ڪندي کيس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. بختاور ڀٽو ٽوئيٽ ڪري جيل موڪلڻ جي تصديق به ڪري ڇڏي آهي. حاضري دوران آصف علي زرداري چيو ته هي ڪهڙي اسلامي رياست آهي جنهنن ۾ نيب وارن کيس عيد جي نماز ادا ڪرڻ نه ڏني، عرفان منگي هجي ها ته کائنس پڇان ها؟ هن چيو ته عدالتي حڪم جي باوجود ٻارن سان ملڻ نه ڏنو ويو. هن جج کي چيو ته جيل وٺي وڃڻ وقت کين چئو ته مونکي فرنٽ سيٽ تي ويهارين. جج چيو مان ڪيئين ٿو اهڙو حڪم ڏئي سگهان ته هن کي فرنٽ يا بيڪ سيٽ تي ويهاريو؟. لطيف کوسو عدالت کي چيو ته جيل ۾ هفتي ۾ مونکي ۽ فاروق نائڪ کي ٻه ڀيرا ملاقات جي اجازت ڏيو ۽ پوليس کي چئو ته هو ٻه ٽي ڪلاڪ انتظار نه ڪرائين. ياد رهي ته 29 جولاءِ تي زرادري کي اسلام آباد مان نيب گرفتار ڪيو هو. ان کان اڳ نيب جي پراسيڪيوٽر مظفر عباسي عدالت کي چيو ته هڪ ملزم جي بيان جي روشني ۾ ڪجهه نيون شيون سامهون آيون آهن سندس جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪريو، جيئين کائنس پڇا ڳاڇا ڪري سگهون. ساڳئي عدالت ۾ فريال ٽالپر جيڪا اڳ ۾ ئي اڊيالا جيل ۾ آهي تنهن درخواست ڏني ته سندس راهداري رمانڊ ڏنو وڃي جيئن هو سنڌ اسمبلي جي اجلاس ۾ سريڪ ٿي سگهي، عدالت نيب کان 19 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو. هوڏانهن اڳوڻي صدر اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنت کي اي ڪلاس ڏيڻ جي درخواست پڻ ڏئي ڇڏي آهي پر جيلر کيس بي ڪلاس ڏنو آهي، ٽي وي ۽ ايئرڪنڊيشنڊ وغيره جي سهولت ناهي

پهنجو تبصرو موڪليو