ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني جو چوڻ آهي ته عمران خان اقتدار ڇڏي ملڪ لاءِ بارودي سرنگون وڇايون.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته آئيني اداري جي سربراهه جي مقرري کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، عمران خان ذهني طور مفلوج آهي.هن چيو ته عمران خان ۽ ڀارتي ميڊيا هڪ پيج تي آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين قومي مفادن جو معاملو ڪري رهيو آهي.سعيد غني جو چوڻ آهي ته عمران خان دوست ملڪن جا تحفا وڪرو ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن ۽ ميڊيا سڀ سندس لاءِ خراب آهن.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان سمجهي ٿو ته هو غير آئيني ڪم ڪري حڪومت ۾ اچي سگهي ٿو.هن جو اهو به چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي وقار مهدي کي ٽڪيٽ ڏني آهي.










