ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان واچون وڪرو ڪري هيٽ ٽرڪ ڪئي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان توشا خاني مان قيمتي تحفا سستا خريد ڪيا.شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته عمران خان اهي ئي تحفا مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري قوم ۽ انڪم ٽيڪس کاتي سان ڪوڙ ڳالهايو.










