عمران خان کي گولي نه پر غم لڳو آهي: مريم اورنگزيب

عمران خان کي گولي نه پر غم لڳو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب دعويٰ ڪئي آهي ته قاتلاڻي حملي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪا گولي ناهي لڳي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جي تقرير جي رد عمل ۾ مريم اونرگزيب چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ ورڪ فرام هوم آهي.هن چيو ته عمران خان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کان آئين جي ڀڃڪڙي ڪرائي، ان باوجود ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي.مريم اورنگزيب چيو ته توشه خاني جي واچن جو غلط اندازو لڳايو ويو، عمران کي واچن جي وڪري جون رسيدون ڏيڻ گهرجن، ان حوالي سان دبئي ۽ برطانيا جي عدالتن ۾ ڇو وڃي رهيو آهي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شهزاد اڪبر ۽ فرح گوگي واچ کي دبئي کڻي ويا، جنهن بعد واچ جي وڪري مان مليل رقم چارٽرڊ جهاز ذريعي پاڪستان آندي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو