اسلام آباد)بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته اهو ڪنهن جو حق ناهي ته هو چوندو ته هو هاءِ وي تي ويهندا ۽ اتي بيٺا رهندا، جڏهن ته جلسو ڪرڻ چاهين ٿا ته ان جو حق آهي پر عام شهرين جو حق متاثر ٿيڻ نه گهرجي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سبب روڊن جي ممڪنه بندش خلاف مقامي واپارين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت واپارين جي درخواست کي پي ٽي آءِ جي ڌرڻي جي اين او سي وٺڻ جي درخواست سان شامل ڪري ڇڏيو ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل بيرسٽر جهانگير جدون ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منوراقبال ڊوگل عدالت ۾ پيش ٿيا.واپارين جي وڪيل چيو ته روڊن تي ڪنٽينر بيهاريا ويا آهن، جنهن سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد موقف اختيار ڪيو ته ڌرڻي ۽ ريلي لاءِ پي ٽي آءِ جي اين او سي جي درخواست به التوا ۾ آهي، ان کي به ٻڌو وڃي. رخواستگذار جي وڪيل چيو ته هاءِ ويز ۽ موٽر ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هاءِ ويز ۽ موٽر ويز بند ٿي ويندا ته واپار به متاثر ٿيندو، اهو ڪنهن جو حق ناهي. سندس چوڻ هو ته هو هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي اتي ئي بيٺو، جسٽس شوڪت عزيز صديقي ڌرڻو ڪيس ۾ فيصلو ڏنو هو ته سمورا جلسا پريڊ گرائونڊ ۾ ئي ٿيندا.چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ۾ پرڏيهي ماڻهو موجود آهن، سفارتي تحريڪ به متاثر ٿي رهي آهي، جيڪي ريلي ڪرڻ چاهين ٿا انهن جو حق آهي پر عام شهرين جا حق متاثر نه ٿيڻ گهرجن.جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ويز ۽ موٽر ويز جو ڪنٽرول وفاق جو آهي، واضح آهي ته وفاق ان حوالي سان هدايتون ڏئي سگهي ٿو.جنهن بعد عدالت واپارين جي ڌرڻي ۽ ريلي سبب روڊ بلاڪ ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










