ڪراچي (نمائندن وٽان) اڄ ڀارت جي يوم آزادي جي موقعي تي پاڪستان جي حڪومت جي سڏ تي پوري ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ۽ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سياسي، مذهبي ۽ سماجي ڌرين پاران جلسا جلوس منعقد ڪيا پيا وڃن. ڀارتي جهنڊا ۽ نريندر مودي جا پتلا ساڙيا ويا. مٺي مان لياقت نهڙيو موجب ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارن پاران ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ٿرپارڪر سيد ڪبير شاهه ۽ چئيرمين ميونسپل ڪاميٽي ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مٺي کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪشميربڻبو پاڪستان ۽ ڀارت پاران ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف نعرا پڻ هنيا ويا. ريلي کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ٿرپارڪر سيد ڪبير شاهه ۽ چئيرمين ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي ، ڪشور جڳاڻي ، گورنمينٽ صادق فقير بوائز ڊگري ڪاليج مٺي جي پرنسپل پروفيسر راڌو مل ، محمد انور ساهڙ، تعليم کاتي جي آفيسرن دولت رام، ڪيول رام ۽ ٻين خطاب ڪيو.*** مورو مان مورائي اياز سولنگي موجب پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ مورو پريس ڪلب طرفان ڪشميرين سان يڪجھتي ۽ ڀارت جي ظلم خلاف صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو .

جنھن ۾ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن مظاهري جي اڳواڻي پي ايف يو جي جي ڊسٽرڪٽ جوائنٽ سيڪريٽري لطف الله عباسي, صدر مورو پريس ڪلب سومر خان سولنگي, جنرل سيڪريٽري فقير اختر لغاري ,پي ايف يو جي مورو يونٽ جي صدر نواب اصغر ڪورائي, جنرل سيڪريٽري غلام اصغر چانڊيو ۽ اياز مورائي ڪري رهيا هئا ڪشميربڻبو پاڪستان ڪشمير کي آزاد ڪيو پاڪستان زنده باد پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا ويا. ***ڪشمور مان جي ايم کوسو مطابق سياسي مذھبي ۽ سماجي تنظيمن پاران انڊيا جي آزادي جي موقعي تي ڪارو ڏينھن ملهائڻ جي سلسلي ۾ ھڪ ريلي ڪڍي وئي.

جنھن جي اڳواڻي ٽائون ڪشمور جو چيئرمن مير اسرار احمد کوسو شھري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمن غلام رباني منگي ن ليگ جي اڳواڻ راڻو غفار جي اڳواڻي ۾ مدينه مسجد کان سٽي پارڪ تائين ڪڍي وئي ريلي ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان انڊيا ۽ مودي سرڪار کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون اسان پنھنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آھيون.

صالح پٽ مان نياز مهر موجب الڪوثر ماڊل پبلڪ اسڪول ڳوٺ الهورايو ڀنڀرو طرفان ڪشمير جي مظلوم مسلمانن سان اظهار يڪجهتي لاء هندستان جي آزادي واري ڏينهن تي ڪارو ڏينهن ملهائي پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي استاد علي ڏنو شنباڻي ، عبدالعزيز شنباڻي ، استاد ناصر احمد ۽ استاد الطاف حسين جن ڪئي۔ جنهن ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو تہ ڪشميري پاڻ کي اڪيلو نہ سمجهن اسان انهن سان گڏ آهيون. **** دادو مان ادل مهيسر موجب هندستان جي يوم آزادي ڏهاڙي تي ڪشميرين سان يڪجهتي طور دادو ضلعي جي شهرين ڪاروبار بند ڪري ڪارو ڏينهن ملهايو، نيشنل پريس ڪلب جي صحافين،سماجي شخصيت ام رباب چانڊيو ۽ ٻين پاران دادو نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي ريليون ڪڍي ڀارت ۽ وزير اعظم نريندرمودي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ڀارتي جهنڊو به ساڙيو ويو. صحافين به ڀرپور حصو ورتو.

*** پکو مان عبدالوحيد ميئو موجب نوجوان اتحاد طرفان لالا خميسو خان جي اڳواڻي ۾ ڪشمير يڪجھتي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ ھر مڪتب فڪر ماڻھن ۽ شھرين شرڪت ڪئي , ريلي ۾ شامل ماڻھن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪشميري مسلمانن سان ٻڌي جو اظھار ڪيو , ريلي مختلف رستن کان ٿيندي شھر جي کونھارا مين چونڪ تي پھتي جتي ڀارت ۽ مودي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان , ڪشمير وطن ھمارا جھڙا نعرا پڻ ھنيان ويا. *** نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري موجب ريلي ۾ شامل ماڻهن عزيز انصاري، غلام بشير ملاح، غلام مرتضيٰ مشوري، اشرف راجپوت ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميري ڀائرن تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ ڀارت پاران ڪشميرين تي ڪرفيو لاڳو ڪرڻ سان سندن تڪليفن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

**** مٺي مان لياقت نھڙيو موجب ڀارت جي آزادي جي ڏينھن تي ڀيل انٽلئڪچوئل فورم ٿرپارڪر پاران ڪـارو ڏينھن ۽ ڪـشميرين سان يـڪجھتي طور ملھايو ويو, بي آئي ايف ٿرپارڪر پارن مٺي ۾ ريلي ڪڍي وئي, ڪشمير چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.*** سکر مان امداد علي ڪلوڙ موجب ڪشميرين سان يڪجهتيءَ طور ڪارو ڏينهن ملهائيندي لب مهراڻ کان ملٽري روڊ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن سان گڏوگڏ سرڪاري ملازمن ۽

شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري رت جي آخري ڦُڙي تائين ڪشميرين جي حمايت ۾ وڙهڻ جو وچن ورجايو. سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ڪشمير ٻٽي پاليسين، منافقت واري سياست ۽ نعرن سان آزاد هرگز نه ٿيندو، دُنيا ۽ اقوام متحده کي اکين تي ٻڌل پٽيون کولڻيون پونديون. نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو، ايم پي اي نصرت سحر عباسي، هندو برادري جي مُکي ايشور لال، سک برادري جي سردار مهيش سنگهه، ايم پي اي شهريار شر، مولانا رمضان ڦلپوٽو، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، محرم شاهه، شفقت شاهه، ڪيپٽن علي ڏنو سنجراڻي ۽ ٻين به خطاب ڪيو ۽ چيو ته عوام پاڪ فوج سان گڏ آهي. ريلي ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاهه، ايم پي اي سيد فرخ شاهه، پير فضل شاهه، مفتي ابراهيم قادري، ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر، ڊپٽي ڪمشنر سکر غلام مرتضيٰ شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ توڙي آفيسر پڻ موجود هئا. سنڌ جي ٻين شهرن، ڪنڌ ڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، خيرپور، سڪرنڊ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، شهداد ڪوٽ، ٺٽو، ڳاڙهو، بدين، ماتلي، ٽنڊو غلام حيدر، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، سامارو، جهڏو، ٽنڊو الله يار، وڳڻ ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ جلوس ڪڍيا ويا.










