عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي توهين ۽ اليڪشن ڪمشنر جي توهين ڪيس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن مختلف هاءِ ڪورٽن ۾ التوا واري ڪيس کي هڪ هاءِ ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته هو مڪاني ۽ عام چونڊن جي تياري ڪن يا ڪيس وڙهن.سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو