مظفرآباد(ڊيسڪ رپورٽ) ڪشمير جو سفير بڻجي سندن ڪيس دنيا جي هر فورم تي لڙنداسين، عالمي عدالت ۾ وينداسين، ڀارت کي سر جو جواب پٿر سان ڏينداسين، مودي پنهنجو آخري ڪارڊ کيڏي غلطي ڪئي آهي. ڪشميرين سان هر سطح تي ساٿ ڏينداسين، فوج ۽ قوم جنگ لاءِ تيار آهن. اهڙو اظهار وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشميرجي اسمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جنگ ٿي ته ذميوار عالمي برادري هوندي. وزيراعظم چيو ته هن ڀيري جڏهن سڀ کان وڏو بحران ڪشميرين تي آيو آهي ته مون پهريون ڀيرو بي جي پي ۽ مودي جو اصل چهرو دُنيا کي ڏيکاريو آهي. ڀارت سان مفادن جي ويڙهه نه آهي پر اسان هڪ نظرئي خلاف اُٿي بيٺا آهيون ۽ اهو نظريو وڌيڪ خوفناڪ آهي، ڇاڪاڻ جو جڏهن توهان هڪ نظرئي خلاف جنگ ڪريو ته اُها هڪ مختلف شئي هجي ٿي ۽ اُن جو حل به الڳ انداز جو هوندو آهي. هُن چيو ته اسان جي اڳيان آر ايس ايس جو خوفناڪ نظريو بيٺو آهي، مودي ننڍپڻ کان اُن جو ميمبر آهي ۽ آر ايس ايس پنهنجو نظريو هٽلر جي نازي جماعت مان ورتو هو، اهو نظريو مسلمانن سان نفرت سان ڀريل آهي. قائد اعظم اُن ڪري ئي پاڪستان لاءِ تحريڪ هلائي جو هو سمجهي ويو ته هي جيڪي آزادي جي گهُر ڪري رهيا آهن، اُهي مسلمانن لاءِ نه آهي. قائد اعظم اُن وقت ئي مسلمانن خلاف نفرت ڏٺي هئي. مودي جيڪو ڪارڊ کيڏيو آهي، اُهو اُنهي نظرئي جو آخري حل هو ۽ مودي کي آخري ڪارڊ کيڏڻ مهانگو پئجي ويندو، آر ايس ايس جي نظرئي جو سڀ کان وڏو نقصان ڀارت کي ئي ٿيندو، تنهن ڪري مودي آخري ڪارڊ غلط کيڏي رهيو آهي. وزيراعظم ڀارتي سرڪار سان مخاطب ٿيندي چيو ته مودي! توهان ايڪشن کڻو، اسان سِر جو جواب پٿر سان ڏينداسين، مودي اوهان هڪ اسٽريٽيجڪ بلنڊر ڪيو آهي. هاڻي دُنيا جون نظرون ڪشمير تي آهن ۽ هاڻي اسان تي آهي ته اُن کي عالمي دنيا تائين وٺي وڃون. آئو ڪشميرين جو سفير بڻجي ساڻن ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريندس، اسان دُنيا کي هر هر پيغام ڏئي رهيا آهيون ته جنگ ٿي ته ذميوار عالمي برادري هوندي، سوا ارب مسلمان گڏيل قومن ۽ اُن جي واعدي ڏانهن ڏسي رهيا آهن.
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل