نئين آرمي چيف جي مقرري، وزيراعظم لنڊن پهچي ويو

نئين آرمي چيف جي مقرري، وزيراعظم لنڊن پهچي ويو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف نجي جهاز ۾ نجي دوري تي لنڊن پهچي ويو آهي. سندس دوري جي تصديق اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب ٽوئيٽ ذريعن ڪئي آهي.


اهم حڪومتي ذريعن روزاني سنڌيار کي ٻڌايو آهي ته نئين آرمي چيف جو نالو فائنل ڪرڻ بابت ميان نواز شريف سان هو حتمي مشاورت ڪندو ۽ سندس واپسي تي نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. اپريل ۾ حڪومت سنڀالڻ بعد وزيراعظم جو هي لنڊن جو ٽيون دورو آهي. نواز شريف 2019 کان لنڊن ۾ علاج لاءِ موجود آهي، جتي هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ مريم نواز پڻ کيس جوائن ڪيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل قمر جاويد باجوا جي 29 نومبر تي رٽائرمينٽ بعد ٻئي نمبر تي سينئر جنرل عاصم منير آهي. هو 27 نومبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف هنکي آرمي چيف ٺاهڻ جا خواهشمند آهي پر موجوده آرمي چيف کيس چيئرمين جوائنٽس چيف آف اسٽاف ڪميٽي بنائڻ جي سفارش ڪئي آهي. عاصم منير جڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻيو هو ته هن عمران خان کي عثمان بوزدار، پنڪي پيرڻي ۽ فح گوگي جي ڪرپشن روڪڻ جي سفارش ڪئي هئي جنهن تي عمران خان ناراض ٿي کيس 8 مهينن بعد هٽرائي ڇڏيو هو. هو 2017 ۾ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس به رهي چڪو آهي. ذريعن موجب ان بعد سينارٽي ۾ جنرل ساحر شمشاد آهي جيڪو هن وقت راولپنڊي ۾ ڪور ڪمانڊر آهي. جنهن لاءِ جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي جان نشين ٿيڻ لاءِ سفارش ڪئي آهي. ٻئي پاسي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف سزا يافته مجرم آهي جيڪڏهن شهباز شريف هن سان آرمي چيف بابت مشاورت ڪئي ته اها آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو