ٽنڊو محمد خان (ن س)آل ريوينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسئيشن مرڪز جي سڏ تي سمورين ريوينيو آفيسن جي تالا بندي ڪندي الفتح چوڪ کان پريس ڪلب تائين مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي ريونيو ايسوسئيشن جي ضلعي صدرسيد سارنگ شاھ ؛ پير فيصل جان سرھندي ؛ فاروق ڀٽي ؛ عادل ڀٽي ؛ قاضي توقير ؛ محبوب نوتڪاڻي ؛ عبدالرزاق ڀٽي ۽ ٻين چيو ته ريونيو کاتي کي آئيني اختيار ڏنا وڃن ريوينيو الاوئنس ۽ ٽائيم اسڪيل ؛ ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسٽنٽ ڪمشنر جا جوديشنل مجسٽريٽ جا اختيار بحال ڪيا وڃن ؛ ريونيو فيلڊ اسٽاف کي ايمرجنسي ڊيوٽي جو اضافي معاوضو ڏنو وڃي ۽ سمورن تپيدارن ؛ ڪوٽارن ۽ ريونيو ملازمن جيڪي برسات متاثرن جي سروي ۾ ڊيوٽي ڪري رھيا آھن انھن کي معاوضي سان گڏ ھيلٿ ڪارڊ ۽ يوٽيلٽي الائونس ڏنو وڃي










