پي ٽي آءِ پاران سڄي ملڪ ۾ جمعي نماز بعد احتجاج جو اعلان

پي ٽي آءِ پاران سڄي ملڪ ۾ جمعي نماز بعد احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو آهي.اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته جمعي جي نماز کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، جيستائين عمران خان جو مطالبو پورو نه ٿيندو، ملڪ گير احتجاج جاري رهندو.ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اسد عمر جو چوڻ هو ته گذريل رات منهنجي پٽ مون کي پيغام ڏنو ته حالتون ڪهڙيون به هجن، بيٺو رهو، مشڪلاتن کان پوءِ جو وقت وڌيڪ اهم آهي، جنهن کانپوءِ توهان الله کي بغير ڪنهن افسوس جي منهن ڏئي سگهو ٿا. ائين ڪريو، پاڻ کي ڊڄڻ نه ڏيو، آخرڪار انصاف ٿيندو دنيا يا آخرت ۾……….

پهنجو تبصرو موڪليو