اسلام آباد: ڊينگي سبب وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا

اسلام آباد: ڊينگي سبب وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڊينگي مڇر جي ڪري وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.ڊي ايڇ او اسلام آباد موجب ڊينگي سبب فوت ٿيندڙ ماڻهو جي-15 ۽ ڪورل جا رهواسي هئا.هن جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال ڊينگي سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 11 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 58 ڄڻن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آهي.اسلام آباد جي صحت کاتي موجب هلندڙ سال اسلام آباد ۾ ڊينگي جي متاثرن جو انگ 4 هزار 897 ٿي ويو آهي.ڪالهه رپورٽ ٿيل ڪيسن مان 34 شهري علائقن ۽ 25 ڳوٺاڻن علائقن ۾ رپورٽ ٿيا.هن وقت تائين ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 هزار 830 ۽ شهري علائقن ۾ 2 هزار 66 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو