ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊالر اڄ وڌيڪ مهانگو ٿي ويو پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر بلند ٿيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر مهانگو ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 221 رپيا 75 پئسا ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي اختتام تي ڊالر جي قيمت 221 رپيا 43 پئسا هئي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 211 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ 42156 تي پهچي ويو آهي.










