عمران خان پي ٽي آءِ چيئرمين ڇو نٿو رهي سگهي؟ مطمئن ڪريو: لاهور هاءِ ڪورٽ

عمران خان پي ٽي آءِ چيئرمين ڇو نٿو رهي سگهي؟ مطمئن ڪريو: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين شپ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل کي هدايت ڪئي آهي ته عمران خان پارٽي عهدو ڪيئن نه سنڀالي سگهي؟ عدالت کي راضي ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ساجد محمود سيٺي محمد آفاق ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن، عمران خان ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته هو پڙهي ٻڌائي ته عمران خان کي آرٽيڪل 63 ون 3 تحت نااهل قرار ڏنو ويو آهي.درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته آرٽيڪل 62، 63 تحت عمران خان هاڻي پارٽي عهدو نٿو رکي سگهي.جسٽس ساجد محمود سيٺي پڇاڻو ڪيو ته عمران خان پارٽي عهدو ڪيئن نه ٿو رکي سگهي؟ عدالت کي راضي ڪيو وڃي.درخواستگذار جي وڪيل استدعا ڪئي ته عبوري رليف في الحال نه ڏنو وڃي پر ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن.جسٽس ساجد محمود سيٺي چيو ته عدالت درخواست جي قابل قبوليت بابت فيصلو محفوظ ڪري رهي آهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عمران خان اين اي 95 تان نااهل ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ هو نااهل ٿي ويو آهي.درخواستگذار پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان کي پارٽي چيئرمين شپ جو به استحقاق حاصل ناهي.درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته عمران خان کي پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو