ڊپٽي ڪمشنر فيوميگيشن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڊپٽي ڪمشنر فيوميگيشن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

بدين (ن س) ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان ضلعي بدين جي ھر ننڍي وڏي شھر ۽ يونين ڪائونسل ۾ مڇر مار اسپري (فيموگيشن) ڪري روزانه جي بنياد تي رپورٽ طلب ڪري ورتي اھڙيون ھدايتون ھن ضلعي بدين جي سمورن ميونسپل, ٽائون آفيسرن ۽ يونين ايڊمنسٽريٽر سان دربار ھال ۾ گڏجاڻي ڪندي ڏنيون ھن چيو ته مڇر مار اسپري سان گڏوگڏ ڪتا مار مھم پڻ جاري رکي وڃي. ھن شھر ۾ خراب اسٽريٽ لائٽن جو پڻ نوٽيس وٺندي اسٽريٽ لائٽن جي مرمت ۽ نيون اسٽريٽ لائٽون لڳائڻ لاء پڻ ھدايتون ڏنيون ھن شھيد فاضل راھو ۽ ماتلي لائبريري ۾ گھربل ڪتاب خريد ڪرڻ لاء پڻ ھدايتون ڏيندي چيو ته تعليم نوجوان نسل جي ترقي جو ضامن آهي ۽ لائبريري جديد تعليم حاصل ڪرڻ جو اھم ذريعو آهن لائبريرين کي گهربل سب سھولتون مھيا ڪيون وينديون ھن وڌيڪ چيو ته شھر جي صفائي سٿرائي سان گڏوگڏ ميونسپل ۽ ٽائون آفيسر پنهنجي آفيسن کي پڻ صاف سٿرو رکن ھن وڌيڪ چيو ته ميونسپل, ٽائون ڪميٽيون ۽ يونين ڪائونسل ايڊمنسٽريٽر پنهنجي ذمي مقرر ڪيل ڪمن کي ايمانداري سان نڀائن ته شھر ۾ گهڻي ڀاڱي سدارو اچي ويندو ھن چيو ته انهيَ سموري ڪم جي نگراني لاء واٽس اپ گروپ ٺاھي انهيَ جي ھو پاڻ روزانا جي بنياد تي نگراني ڪندو ۽ انهيَ سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي يا ڪوتاھي ھرگز برداشت نه ڪئي ويندي گڏجاڻي ۾ ضلعي جا سمورا ميونسپل آفيسر, ٽائون آفيسر, يونين ڪائونسل ايڊمنسٽريٽر ۽ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موجود ھئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو