مڇر ڪالوني واقعو: آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ڏکڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

مڇر ڪالوني واقعو: آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ڏکڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته اڄ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ مون کي ۽ ڊي آءِ جي کي گھرايو ھو، مڇر ڪالوني معاملي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي آھي،عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته واقعي ۾ 15 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو آھي، چئن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي، جن کي عدالت ۾ به پيش ڪيو ويو آھي، باقي جوابدارن جي جاچ جاري آھي، آءِ جي سنڌ چيو ته مون کي جيڪا معلومات آھي پيش امام جو رول پازيٽو ھو، هن ماڻھن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن وٽ شناختي ڪارڊ ناھن اھي پاڪستاني ناھن انھن جي خلاف الڳ سان ڪارروائي ڪئي ويندي،هن چيو ته احتجاج جو حق سڀني کي آھي پر جيڪو قانون جي خلاف ڳالهه ڪندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويند، پوليس جو ڪم عوام کي جان مال جي حفاظت ڪرڻ آھي، جيڪو پوليس آفيسر ڪم نه ڪندو ان کي سزا ڏني ويندي،هن چيو ته عوام پنھنجي ڪمرشل جڳھن تي سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳائي مشڪوڪ ماڻھن کي ڏسي پوليس کي اطلاع ڪري، جيڪو به واقعو ٿئي ٿو پوليس ان جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ٿي پر ڪارروائي ڪرڻ ۾ ٿورو ٽائيم لڳي وڃي ٿو،هن چيو ته اسلام آباد لانگ مارچ ۾ ھڪ به پوليس اھلڪار ٿاڻي جو ناھي ويو، ھي ٽريننگ سينٽر وارا اھلڪار اسلام آباد ويا آھن…مڇرڪالوني واقعي جي سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ڏکڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا آھن،مڇرڪالوني واقعي بابت سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي رھي آھي، آءِ جي سنڌ اڳڀرائي رپورٽ سنڌهاءِڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آھي،آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ هاءِڪورٽ پهچي ويو، ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ به سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو،آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ مڇر ڪالوني واقعي بابت رپورٽ سنڌ هاءِڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي،چيف جسٽس سنڌهاءِڪورٽ گذريل ڏينهن مڇرڪالوني واقعي جو نوٽيس ورتو هو،چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ اڄ آءِ جي سنڌ، ڊي جي ڏکڻ ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن کي طلب ڪيو هو

پهنجو تبصرو موڪليو