اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان اعتراف ڪيو آهي ته هو ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ چاهي ٿو.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ طرف ادب آهي ته ٻئي طرف بدمعاشي، ذهني انتشار ۽ مايوسي آهي.چون ٿا ته 2000 ماڻهو نه 22 ڪروڙ عوام آهن، عمران خان اعتراف ڪري چڪو آهي ته هو خونريزي ذريعي ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ چاهي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته بندوق جي زور تي انقلاب آڻڻ جي سازشن کي پرڏيهي فنڊنگ سان ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پرڏيهي فنڊنگ سان بغاوت ۽ توشه خانه چور جي تقدير ۾ ذلت ۽ خواري لکيل آهي.هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو هو ته هو غير ضروري سچ ڳالهائڻ نٿا چاهين، هاڻي ذلت رڳو پرڏيهي فنڊنگ بدامني جي ٿيندي.اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پرڏيهي فنڊنگ حاصل ڪندڙ غداري پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ آرمي چيف کي عمر ۾ واڌ جي آڇ ڪئي.مريم اورنگزيب جو اهو به چوڻ آهي ته عمران خان فوج کي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي.










