سلطانپور (ن س)سلطانپور ڀرسان ڳوٺ خيرو انڍڙ ۾ زرعي زمينن ۾ برسات جو بيٺل پاڻي هن وقت تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت بالٽين ذريعي زمينن مان پاڻي ڪڍڻ لڳا آهن ان سلسلي ۾ رھواسين خادم حسين انڍڙ , غلام سرور انڍڙ, اسلام دين انڍڙ ۽ ٻين ميڊيا کي دانھيندي ٻڌايو ته گذريل برساتن سبب اسان جو سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪپھ جو فصل ٻڏي ويو هو جنهن زمينن ۾ بيٺل پاڻي انتظاميا ٻه مهينا گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي جنهن ڪري اسانکي ڪڻڪ جو فصل پوکڻ مشڪل ٿي ويو آهي هنن چيو ته پنوعاقل ايڊمنسٽريٽر عبدالله جهلڻ کي ڪيترائي ڀيرا زمينن مان برسات جو پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ چيو آهي پر اسان کي هو روز ڪوڙا دلاسا ڏئي موٽائي ڇڏيندو آهي هنن چيو ته فصلن جو نقصان ٿيڻ فاڪاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور آهيون هينئر مجبور ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت برسات جو پاڻي هٿن سان ڪڍي رھيا آھيون ھنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پنوعاقل نااهل ۽ ڪرپٽ ايڊمنسٽريٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي .










