اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ حامد خان گروپ جو عابد شاهد زبيري بار جو صدر چونڊجي ويو.عاصمه جهانگير گروپ جي خالد جاويد کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.عابد شاهد زبيري 1 هزار 347 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته ايڊووڪيٽ خالد جاويد 1 هزار 148 ووٽ حاصل ڪيا.چئني صوبن جي نائب صدارت لاءِ 8 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيو.سپريم ڪورٽ بار جي اليڪشن جي تصديق ۽ حتمي نتيجن جو اعلان 3 نومبر تي ڪيو ويندو.نئين چونڊيل صدر عابد زبيري جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي منشور تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا.هن چيو ته ڪيسن جي ٻڌڻي بابت مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، عدليه سان بهتر لاڳاپن لاءِ ڪم ڪيو ويندو.










