عمران خان سياست جا آخري 5 اوور ڪرڻ وارو آهي: شيخ رشيد

عمران خان سياست جا آخري 5 اوور ڪرڻ وارو آهي: شيخ رشيد

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد جو چوڻ آهي ته اڄ عمران خان لبرٽي چوڪ تان سياست جا آخري 5 اوور ڪرڻ وارو آهي.اها ڳالهه شيخ رشيد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چئي.سندس چوڻ آهي ته مان پاڻ لبرٽي چوڪ ويندس، لانگ مارچ جمعي تي راولپنڊي پهچندو.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته دعا آهي ته لانگ مارچ آئين ۽ قانون موجب پنهنجا مقصد حاصل ڪري. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته غريب عوام ۽ پاڪستان انتهائي سنگين بحران مان گذري رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف ڪمپني جي پروموشن لاءِ نومبر ۾ جيترا پرڏيهي دورا ڪرڻا آهن ان کانپوءِ به غير مقبول فقيرن کي خيرات نه ڏيندو.اڳوڻي گهرو وزير اهو به چيو آهي ته اسلام آباد جا ماڻهو ٻاهر نڪتا ته ڪرپٽ گينگ کي هلڻ جي جاءِ نه هوندي، نومبر ۾ ختم ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو