نوشھروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ) ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جي اظھار لاءِ ڪارو ڏينھن ملھائڻ جي سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مھدي مالوف جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سيد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر احسان اللھ يوسفزئي سميت مخلتف کاتن جا آفيسر ، عملو، تعليمي ادارن جا شاگرد ۽ شھري پڻ موجود ھئا. ريلي جي اختتام تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون مھدي مالوف چيو تہ سڄي دنيا ۾ 27 آڪٽور تي ڪارو ڏينھن ملھايو ويندو آھي، ھن جو مقصد پنھنجي ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظھار ڪرڻ آھي ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم جي مذمت ڪرڻ آھي اڄ اسان اھي پيغام ڏيڻ چاھيون ٿا تہ پاڪستاني قوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ آھي. ان موقعي تي ڳالھائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو چيو تہ اڄوڪي ڏينھن تي ڀارتي حڪومت جنت جھڙي حسين وادي ۾ پنھنجي فوج داخل ڪري ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي ۽ پوري پاڪستاني قوم پنھنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آھي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر نوشھروفيروز احسان اللھ يوسفزئي چيو تہ اڄوڪي ڏينھن تي پوري دنيا ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جو اظھار ڪرڻ لاءِ ڪارو ڏينھن ملھايو ويندو آھي، ۽ اھو ڏينھن پري ناھي تہ جڏھن ڪشميري مسلمانن کي پنھنجي مرضي مطابق آزادي ملندي ۽ پاڪستاني قوم ھر فورم تي پنھنجي ڪشمير ڀائرن جي آزادي لاءِ پنھنجو آواز بلند ڪندي رھندي.










