سينيئر صحافي ارشد شريف جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي

سينيئر صحافي ارشد شريف جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪينيا ۾ قتل ٿيل سينيئر صحافي ارشد شريف جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي.ارشد شريف جي جنازي نماز ۾ سماجي ۽ سياسي شخصيتن، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ياد رهي ته سينيئر صحافي ارشد شريف کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪينيا ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، سندس مڙهه گذريل ڏينهن ڪينيا کان پاڪستان پهتو هو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ ارشد شريف جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو ۽ حڪومت طرفان ان جي جاچ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي، جيڪا جاچ لاءِ ڪينيا روانو ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو