راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار اهم پريس ڪانفرنس ڪري رھيو آھي، پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار سان گڏ ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم بھ ميڊيا سان ڳالھائي رھيو آھي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تھ اسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي، پر غدار ۽ سازشي نٿا ٿي سگھون، سينيئر صحافي ارشد شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار نه هو، کيس خطرا ڄاڻائي زبردستي ٻاهر اماڻيو ويو ترجمان پاڪ فوج موجب ارشد شريف کي ٻاهر موڪلڻ لاءِ آگسٽ ۾ هڪ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو، ٿريٽ الرٽ جاري ڪرڻ جو مقصد ارشد شريف کي ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ قائل ڪرڻ هو ارشد شريف 10 آگسٽ تي پشاور ايئرپورٽ تان متحده عرب امارات لاءِ روانو ٿيو، متحده عرب امارات ۾ ارشد شريف جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام ڪنهن ڪيو؟ ارشد شريف کي عرب امارات مان ڪينيا وڃڻ لاءِ ڪنهن مجبور ڪيو، اي آر واءِ جي مالڪ سلمان اقبال کي پرڏيهه مان گهرائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ارشد شريف جي قتل کي بنياد بڻائي پاڪ فوج خلاف هڪ ڪوڙو بيانيو گهڙيو ويو، ارشد شريف جي معاملي ۾ سلمان اقبال جو نالو ھر ھر اچي پيو، ان کي واپس آندو وڃي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آھي ته اڳوڻي سفير کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو، آرمي چيف اڳوڻي وزيراعظم کي سائفر بابت آگاهه ڪيو هو ميجر جنرل بابر افتخار موجب اهڙو بيانيو ٺاهيو ويو جنهن جو حقيقتن سان ڪو واسطو ئي ناهي، سائفر جي حوالي سان ڪيتريون ئي حقيقتون سامهون اچي ويون آهن، سائفر بابت من گهڙت ڳالهيون ٻڌايون ويون، تنقيدن باوجود آرمي چيف صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ارشد شريف ڪيترن ئي پروگرامن ۾ پاڪ فوج کي نشانو بڻايو، پوءِ به دل ۾ ڪا نفرت ناهي، آرمي چيف 11 مارچ تي ڪامرا ۾ وزيراعظم سان پاڻ سائفر بابت ذڪر ڪيو هو آگسٽ ۾ ارشد شريف جي حوالي سان ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو هو، جاري ٿيل ٿريٽ ڪنهن به اداري سان شيئر نه ڪيو ويو، پاڪستان جي ادارن خاص طور تي فوج کي نشانو بڻايو ويو نيوٽرل لفظ کي گار بڻايو ويو، هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته سياستدان پاڻ مسئلا حل ڪن پر ايئن نه ٿي سگهيو، ارشد شريف جي جيستائين جاچ مڪمل نه ٿي ٿئي،تيستائين الزام هڻڻ نامناسب آهي، ڪينيا ارشد شريف کي سڃاڻي نه پئي، سڀ کان پهرين سندس موت جي خبر ڪنهن ڏني، دبئي جو ويزا پورو ٿيڻ کانپوءِ ارشد شريف ڪينيا ويو هو ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب اسان ڪمزور ٿي سگهون ٿا پر سازشي ۽ غدار نٿا ٿي سگهون، نجي ٽي وي جي سي اي او سلمان اقبال کي گهرائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، ارشد شريف ڪنهن ڪينيا وڃڻ تي مجبور ڪيو، جاچ ۾ عالمي ادارن جي ضرورت هجي ته اُنهن کي به شامل ڪيو وڃي










