ڄامشورو ۾ ڪار  حادثو، 2 پرڏيهين سميت 3 ڄڻا زخمي

ڄامشورو ۾ ڪار حادثو، 2 پرڏيهين سميت 3 ڄڻا زخمي

ڄامشورو (ن س)سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جي علائقي خانٽ ويجهو پرڏيهي شهرين جي ڪار ۽ مزدا ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ گڏيل عرب امارات جا 2 پرڏيهي شهري ۽ سندن پاڪستاني ڊرائيور زخمي ٿي پيا آهن.زخمين جي سڃاڻپ عبدالله گوتمي، سهيل سعيد ۽ مبارڪ سلام طور ٿي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي عبدالله گوتمي ۽ مبارڪ سلام کي فوري طبي امداد لاءِ لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو آهي.زخمي سهيل سعيد جي حالت نازڪ آهي، کيس ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي.پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته پوليس مزدا ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو