اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي اڍائي ارب ڊالر منتقل ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ رقم جي منتقلي جي تصديق ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ سومر تي معاهدو ٿيو ۽ رقم جي منتقلي کانپوءِ پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 9 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن.










