مسو واهه جي ٽٽل پل ٺهرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو مظاهرو

مسو واهه جي ٽٽل پل ٺهرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو مظاهرو

جروار(محمد بخش گبول) مسوواهه جي پل ٽٽل هجڻ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي مختلف ڳوٺاڻن جو احتجاج , چار سالن کان ٽٽل پل جي تعمير نه ٿيڻ خلاف پل مٿان بيهي احتجاج ڪيو ويو ,ايس ٽي پي اڳواڻن عاجز گبول علي نواز جلباڻي سجاد احمد گبول وقار احمد گبول ستاف اڳواڻ ماجد گبول ۽ٻن چيو ته چار سان کان مسوواھ آر ڊي 123 جي پل ٽٽل آھي ڪيترائي دفعا هتي وڏا حادثا ٿيا آھن هن وقت پل مڪمل طور ڊهي پئي آھي جنهن ڪري جروار ميرپور ۽خانپور گهوٽڪي سان پنجاھ کان مٿي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽيل آھي ,هتان جي علائقي جا ماڻھو 10 ڪلوميٽر ڪچي رستي جو مفاصلو ڪري ٻئي پل تان گذرن ٿا بيمار ماڻھو کي شھر ڏانهن کڻي وڃڻ به تڪليف ٿئي ٿي ,هٿان جا ماڻھو وڏي تڪليف کي منهن ڏيئي رهيا آھن ايريگيشن آفيسر هر دفعي پل جي مرمتي لاء لکين روپيه پل جو مرمتي ڪم ڄڻائي هڙپ ڪري وڃن ٿا ,هنن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائنده به هن پل تان گذرندا هئا پر انهن به هن مهل تائين پل جي تعمير لاء ڪجھ نه ڪيو هنن اعلان ڪيو ته عيد بعد هڪ وڏا ڌرڻا چونڊيل نمائندن جي بنگلن ۽ڊي سي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻوهڻندا سين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو