زال تي تشدد وارو مامرو،فيروز خان جو ردعمل

زال تي تشدد وارو مامرو،فيروز خان جو ردعمل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مشهور اداڪار فيروز خان پنهنجي اڳوڻي زال عليزا سلطان طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل تشدد جي ثبوتن تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.گذريل ٻن ڏينهن کان عليزا جي تشدد جون ڪجهه تصويرون انسٽاگرام سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي وائرل ٿي رهيون آهن، جنهن تي پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل ڪيترن ئي مشهور شخصيتن به فيروز خلاف سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي.جڏهن ته هاڻي اداڪار پاڻ ان تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ سمورن الزامن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.انسٽاگرام تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فيروز خان چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ بي بنياد، ڪوڙا، بدنيتي تي ٻڌل الزامن جي ترديد ڪريان ٿو، انهن الزامن جو ڪو به بنياد ناهي، قانوني ٽيم سان رابطي ۾ آهيان. اداڪاره لکيو ته مان واضح طور تي چوڻ چاهيان ٿو ته مان اڄ تائين ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، مان دنيا جي سمورن انسانن جي حقن جو احترام ڪريان ٿو.واضح رهي ته ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ فيروز ۽ عليزا جي ٻارڙن جي حوالگي واري ڪيس جي ٻڌڻي هلندڙ آهي، جڏهن ته عليزا عدالت ۾ فيروز تي تشدد جو الزام لڳائي ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو