ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ اقليتي ۽ ھندو ملازمن جو اداري جي استحڪام، نيڪ نامي ۽ شھرين جي خدمتن ۾ اھم ڪردار آھي انڪري واٽر بورڊ سان تعلق رکندڙ سمورن اقليتي ۽ هندو ملازمن جي خدمتن کي تسليم ڪندي کين خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، اھڙن خيال جو اظهار سي اي او واٽر بورڊ انجينئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران سڄي ملڪ ۾ رهندڙ ھندو برادري بالخصوص واٽر بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ سمورن اقليتي ۽ ھندو ملازمن کي سندن مذھبي تھوار ديوالي جي پر مسرت موقعي تي واڌايون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو، ھنن چيو تہ پاڪستان جي ترقي ۾ هندو برادري سميت ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ اقليتي برادري جون بيشمار محنتون ۽ ڪاوشون آهن، ھنن اميد ظاهر ڪندي چيو تہ مستقبل ۾ بہ واٽر بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ سمورا اقليتي ۽ هندو ملازم پنهنجي اداري جي بھتري، شهري خدمتن خصوصاً پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ ڪاميابيءَ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندا رهندا، ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر بورڊ سڀني شھرين کي مذهب، قوم، ذات ۽ نسل جي بنا ڪنهن فرق پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون سموريون سھولتون فراھم ڪري ٿو.










