گاڏين تان سي اين جي سلينڊر هٽائڻ جو حڪم

گاڏين تان سي اين جي سلينڊر هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ حفاظتي انتظامن کي جانچڻ لاءِ مهم شروع ڪئي وڃي ۽ هڪ مهيني اندر بسن، ڪوسٽرن ۽ اسڪول وين ۾ باهه وسائڻ وارا اوزار لڳايا وڃن.اهي هدايتون صوبائي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون،صوبائي ٽرانسپورٽ واري وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چيو ويو ته مسافرن جو تحفظ ٽرانسپورٽرن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي،مسافرن جي حفاظت لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ حفاظتي انتظامن جي چيڪنگ مهم فوري طور شروع ڪئي وڃي،ان سان گڏ ٽرانسپورٽرن کي بسن، ڪوسٽرن ۽ اسڪول وين ۾ باهه وسائڻ وارا اوزار لڳائڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني وڃي.اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته ٽرانسپورٽرن جي غير ذميواري ۽ ايمرجنسي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊرائيورن ۾ شعور جي کوٽ سبب حادثن ۾ سوين قيمتي جانيون ضايع ٿيون،هنن چيو ته موٽر گاڏين جي رجسٽريشن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽرانسپورٽرن جا پرمٽ رد ڪيا وڃن،هن اجلاس ۾ سمورن گاڏين تان سي اين جي سلينڊر هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺي، لاپرواهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز بس سروس سنڌ حڪومت جو ميگا پائلٽ پراجيڪٽ آهي،ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي بس سروس جي مانيٽرنگ سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي،اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن ر الطاف حسين ساريو، ايڊيشنل سيڪريٽري ٽرانسپورٽ مشتاق شيخ، بشير حسين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي، آپريشنز مئنيجر آپريشنز اين آر ٽي سي عبدالشکور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو