موجوده صورتحال ۾ مارشل لا جو خطرو وڌي ويو آهي: حامد مير

موجوده صورتحال ۾ مارشل لا جو خطرو وڌي ويو آهي: حامد مير

لاهور(ويب ڊيسڪ)مشهور صحافي ۽ تجزيه نگار حامد مير جو چوڻ آهي ته مارشل لا لاءِ خطرو وڌي ويو آهي.عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ سول سوسائٽي آف سائوٿ ايشيا بابت سيشن کي خطاب ڪندي حامد مير چيو ته ملڪ جون حالتون تبديل نه ٿي رهيون آهن، پيڪا آرڊيننس گذريل حڪومت آندو هو، هاڻوڪي به ان جي نقش قدم تي هلي رهي آهي.حامد مير چيو ته جيڪڏهن 1970ع ۾ ميڊيا آزاد هجي ها ته صحافت تي پاڪستان کي ورهائڻ جا الزام لڳن ها، عمران خان جي دور ۾ مون تي پابندي هئي.سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار چيو ته موجوده صورتحال ۾ مارشل لا جو خطرو وڌي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو