اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي جي رٿ تيار ڪري ورتي آهي.تفصيل موجب ملڪ جي حڪمران اتحاد جي وڏين پارٽين پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي واري رٿ تيار آهي، ان تي سينيٽر دستخط ڪري رهيا آهن، پ پ ۽ ن ليگ ريڪيوزيشن تي صحيحون ڪيون آهن.ذريعن موجب تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان ن ليگ ۽ پ پ پاران سينيٽ ۾ نمائندگي ڪندڙ پارٽين سان رابطا ڪيا ويا آهن.جن پارٽين سان رابطو ڪيو پيو وڃي انهن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، بلوچستان عوامي پارٽي، جي ڊي اي، ق ليگ، پي ڪي ميپ ۽ اي اين پي شامل آهن.ذريعن موجب جيڪڏهن بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي ته چيئرمين سينيٽ جو عهدو پيپلز پارٽي کي ڏنو ويندو، يوسف رضا گيلاني چيئرمين سينيٽ جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار آهي.










