ٺاروشاھ (ن س)خوارڪ کاتي پاران ضلع نوشھروفيروز جي مختلف فوڊ گودامن تان برسات سبب 27188 ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ڏيکاريون ويون جڏھن ته ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ ۾ گبن ڪرڻ جو انڪشاپ خوراڪ کاتي جا ملازم ضلع جي مختلف شھرن مان برسات سبب خراب ٿيل ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۾ مصروف ڊي ايف سي نوشھروفيروز ضلع جي ڪيترن ئي فوڊ گودامن تي ڪڻڪ نه هئڻ باوجود به لسٽ ۾ انهن گودامن تي ڪڻڪ خراب ٿيل ڏيکاري آھي جاچ جو مطالبو, حاليا برساتن بعد ضلع نوشھروفيروز جي خوراڪ کاتي پاران سنڌ حڪومت کي حاليا برساتن دوران ضلع جي مختلف فوڊ گودامن تي 27188 ڪڻڪ جون ٻوريون 158370100 پندرنهن ڪروڙ 83 لک 70 هزار هڪ سئو روپين جي رقم جي ڪڻڪ برسات سبب خراب ڏيکاري وئي آھي جڏھن ته جاري ڪيل لسٽ ۾ اهڙن گودامن تي به ڪڻڪ خراب ڏيکاري وئي آھي جن گودامن تي هڪ ٻوري جو به اسٽاڪ نه آھي فوڊ گودام يوسف ڏھراج فوڊ گودام مڃٺ جي ڪڻڪ درٻيلو گودام ۾ رکيل آھي جتي درٻيلو فوڊ گودام جي هڪ به ٻوري برسات ۾ خراب نه ٿي آھي پر لسٽ ۾ انهن گودامن جي ڪڻڪ به خراب ڏيکاري وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آھن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايف سي نوشھروفيروز حاڪم علي مهر ٻڌايو ته اڳوڻي ڊي ايف سي برسات سبب اهيا










