اوٻاوڙو، قومي شاهراهه تي مسافر بس کي باهه لڳي وئي

اوٻاوڙو، قومي شاهراهه تي مسافر بس کي باهه لڳي وئي

اوٻاوڙو (ن س)گهوٽڪي جي تعلقي اوٻاوڙو ۾ قومي شاهراهه بائي پاس تي مسافر بس کي باهه لڳي وئي.پوليس موجب اوٻاوڙو وٽ ڪراچي کان بهاولپور ويندڙ بس ۾ باهه لڳي وئي، بس ۾ 55 مسافر سوار هئا پر خوش قسمتي سان سمورا مسافر محفوظ رهيا.واقعي جي تفصيل بيان ڪندي پوليس ٻڌايو ته جڏهن بس جو ٽائر ڦاٽي پيو ته ڊرائيور ايمرجنسي بريڪ لڳائي. ايمرجنسي بريڪ لڳڻ سبب ٽائر کي باهه لڳي وئي، جنهن بس کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو