اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪراچي جي شهرين لوڊشيڊنگ ۽ وڌندڙ بلن کان تنگ اچي ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن.کليل عدالت ۾ شهرين جي وڏي انگ 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.شهرين پڇاڻو ڪيو ته ڇا اداري جي عملي جي يونيفارم لاءِ اسان کان پئسا ورتا پيا وڃن؟ ان تي ڪي اليڪٽرڪ عملدارن چيو ته ٽه ماهي يونيفارم ايڊجسٽمينٽ نيپرا جي ضابطن موجب وصول ڪئي ويندي آهي.ان موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ عملدارن کي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ همٿايو.










